تازه ترين
دنيا مان ڊائنوسارز جو خاتمو ڪيئن ٿيو؟

ڊگهي عرصي کان مڃيو پئي ويو ته سيارو زمين سان ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ ڊائنوسارز جي دور جو خاتمو ٿي ويو پر محققن انڪشاف ڪيو آهي ته ٿي سگھي ٿو ته هڪ بنيادي عمل ڊائنوسارز جي خاتمي ۾ ان کان وڏو ڪردار ڪيو جيڪي عام طور تي پهريان سمجهيو ويندو هو. تقريبن 6 ڪروڙ 60 لک سان اڳ جڏهن هڪ 10 کان 15 ڪلوميٽر ويڪرو سيارو ميڪسيڪو جي جزيري جهڙو يوڪاٽن سان ٽڪرايو ته ان جي ٽڪر تباهي مچائي ڇڏي. ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻيلن ۾ باهه لڳي وئي، زلزلا ۽ تمام وڏا سونامي آيا جنهن سبب اهو ماحولياتي نظام تباهه ٿي ويو جيڪو ٻوٽن ۽ جاندارن جي واڌ ويجهه کي موقعو فراهم ڪري رهيو هو. نيچر جيو سائنس نالي رسالي ۾ ڇپيل نئين رپورٽ ۾ محققن جو مڃڻ آهي ته جيتوڻيڪ ٻين اثرن ڊائنوسارز کي شديد نقصان پهچايو هوندو پر گذريل مطالعن ۾ هڪ ٻئي اثر کي نظرانداز ڪيو ويو، يعني اربين ٽن ڌوڙ جي سياري جو سيارو زمين سان ٽڪرائڻ کان پوءِ ڌوڙ هوا ۾ پکڙجي وئي هوندي. بيلجيئم جي محققن جو مڃڻ آهي ته ان سياري جي ڪري عالمگير سياري جي موسم جي شروعات ٿي ڇو جو واري ۽ گندرف جي ذرڙن سان ڀريل ڌوڙ ڪارن ڪڪرن تبديل ٿي پکڙجي وئي جنهن سان سج جا شعاع زمين تي نه پئي پهچي سگھيا ۽ عالمي سطح تي زمين جو گرمي پد 15 درجه سيلسيئس تائين گھٽجي ويو. گھٽ روشني سبب ٻوٽن بقا خطري ۾ پئجي وئي جنهن سبب ساوڪ کائيندڙ جانور بک وگھي مري ويا ۽ گوشت خور جانور شڪار کان محروم ٿي ويا. خوراڪ جي کوٽ سبب 75 سيڪڙو جاندار ختم ٿي ويا. خيال ڪيو ويندو آهي ته هوا ۾ ڌوڙ جو مقدار تقريبن ٻه هزار گيگا ٽن هو يعني مائونٽ ايورسٽ جي وزن کان 11 ڀيرا وڌيڪ. محققن اتر ڊڪوٽا ۾ فوسل سائيٽ جي تهه مان مليل مواد تحت ڪمپيوٽر جي مدد سان مخصوص ماحول جوڙيو جنهن سان کين خبر پئي ته ڌوڙ سج جي روشني کي ٻن سالن تائين زمين تي پهچڻ کان روڪي سگھي ٿي ۽ امڪاني طور تي 15 سالن تائين هوا ۾ موجود رهي سگھي ٿي جنهن سان ٻوٽن جي توانائي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت محدود ٿي ويندي آهي ۽ قدرتي طور تي ماحولياتي نظام تباهه ٿي ويندو آهي. مطالعي مان خبر پئي ته جيتوڻيڪ ان سياري جي زمين تي ڪرڻ جو شروعاتي اثر شديد هو پر ان سان ڊائنوسارز جو فوري طور تي خاتمو نه ٿيو هو پر انهن جو موت هوريا هوريا ٿيندو رهيو ۽ ڪجهه سالن ۾ انهن جو زمين تان خاتمو ٿي ويو. ٻين محققن جو مڃڻ آهي ته سياري جي زمين سان ٽڪر جا اثر به اهي ئي ٿي سگھن ٿا جيڪي جوهري بم ڪيرائڻ کان پوءِ ٿيندا آهن. لوزيانا اسٽيٽ يونيورسٽي جي پروفيسر چيرلي هيريسن جي سربراهي ۾ گذريل سان ڇپيل رپورٽ ۾ محققن جو چوڻ هو ته دونهين ۽ ڪاري ڪاربن هوا ۾ پهچي سج جي روشني کي زمين تائين پهچڻ کان روڪي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ جوهري ڌماڪن جي نتيجي ۾ برفاني دور جي شروعات ٿي. جيتونيڪ ڊائنوسار تقريبن 6 ڪروڙ 60 سال اڳ تباهه ڪندڙ انداز ۾ موت جو شڪار ٿيا پر انهن جو خاتمو ٿيڻ انساني ترقي لاءِ اهم ثابت ٿيو. تحقيق جي شريڪ ليکڪ ۽ سيارن تي تحقيق ڪندڙ سائنسدان فلپ ڪليس جو چوڻ هو ته جب سيارو ٽڪرايو ته ڊائنوسارز کي زمين تي غلبو حاصل هو ۽ اهي آرام سان رهي رهيا هئا. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ ان ٽڪر کانسواءِ جانورن سميت اسان لاءِ هن سياري تي غالب جاندار بڻجڻ جو امڪان نه هو.

خبرون