تازه ترين
ٽِڪ ٽاڪر ڪنول آفتاب پنهنجي شاندار لائف اسٽائل تي ٿيندڙ تنقيد تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

مشهور ٽِڪ ٽاڪر ڪنول آفتاب پنهنجي شاندار لائف اسٽائل تي ٿيندڙ تنقيد تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ڪنول آفتاب پنهنجي موجوده طرز زندگي ۽ ماضي جي مالي صورتحال جو ذڪر ڪيو ڪنول آفتاب چيو ته جتي مون شروعات ڪئي، اتي ئي آهيان. هڪ وچولي طبقي جي خاندان ۾ پيدا ٿيس ۽ اڃا تائين هڪ مڊل ڪلاس خاندان ۾ سٺي زندگي گذاري رهي آهيان. هن چيو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته سوشل ميڊيا تي انفلوئينسر ٿيڻ کان اڳ اسان ڏاڍا غريب هئاسين، ائين هرگز ناهي ڪنول هاڻي انسٽاگرام تي 3.2 ملين فالوورز ۽ ٽڪ ٽاڪ تي 19 ملين فالورز سان گڏ پاڪستان جي مشهور ترين ٽڪ ٽاڪر آهي اسان پنهنجي خاندان جي رحم ڪرم تي هئاسين ۽ هاڻي پنهنجي محنت سان اها زندگي گذاري رهيا آهيون. اڳي مان صرف ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهيندي هئس هاڻي يوٽيوب تان به ڪمائيندي آهيان هن جوڙي کي ايزال نالي هڪ پياري ڌيءَ سان نوازيو ويو

خبرون