تازه ترين
الشفا اسپتال تي ٻن ڏينهن اندر ٽيون ڀيرو حملو،علاج جون سهولتون تباھ

اسرائيلي فوج جون غزا ۾ وحشياڻيون ڪارروايون 42 ڏينهن کان جاري، شهيد فلسطينين جو انگ ساڍا 11 هزار ٿي ويو، شهيد ٿيلن ۾ 4 هزار 407 ٻار ۽ 3 هزار 160 عورتون به شامل، 29 هزار کان مٿي زخمي، قابض فوج غزا ۾ مسجد تي بم وسائي ڇڏيا، 50 نمازي شهيد، ڪيترائي زخمي ، جباليه پناهگير ڪيمپ تي بمباري، 6 گهراڻا نشانو، ڪيترائي فلسطيني شهيد، خان يونس ۾ گهر تي ميزائل حملي ۾ 7 ماڻهو شهيد ٿي ويا، الشفا اسپتال تي ٻن ڏينهن اندر ٽيون ڀيرو حملو، علاج جون سهولتون تباھ، اسرائيلي فوج طبي عملي سوڌو 5 هزار فلسطينين کي يرغمال بڻائي ورتو، اجازت وٺڻ کانسواءِ چرپر ڪرڻ تي معصوم نياڻيءَ کي گوليءَ جو نشانو بڻايو ويو، بدترين صورتحال ۾ غزا شهر ۽ اتر غزا جي سڀني اسپتالن ڪم بند ڪري ڇڏيو، الشفا اسپتال ڀرسان عمارت مان اسرائيلي يرغمالي جو لاش به هٿ ڪيو ويو، اسرائيلي فوج فلسطينين کي اتر کانپوءِ ڏکڻ غزا به خالي ڪرڻ جِي وارننگ ڏئي ڇڏي..........

خبرون