تازه ترين
پاڪستاني فلم نگري جِي خوبصورت اداڪارا ۽ ڊانسنگ ڪوئين رانيءَ جي 77هين سالگرهه

پاڪستاني فلم نگري جِي خوبصورت اداڪارا ۽ ڊانسنگ ڪوئين رانيءَ جي 77هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، 1960 واري ڏهاڪي ۾ چاڪليٽي هيرو وحيد مراد سان هِٽ جوڙي ٺهڻ کانپوءِ راني مقبول اداڪارا بڻجي وئي. اداڪارا راني ننڍي کنڊ جَي ڪامياب ترين اداڪارائن مان هڪ هئي، جنهن کي فلمن ۾ رومانوي ۽ رقص جَي ڪردارن لاءِ ڊانسنگ ڪوئين ۽ ڪوئين آف لالي ووڊ جَي نالن سان سڏيو ويندو هو. پنهنجي ڊانس سبب مشهوري ماڻيندڙ راني پاڪستاني فلم ۽ ٽيليويزن اداڪارا هئي، کيس 1960 واري ڏهاڪي جَي آخر ۾ اُن وقت ڪاميابي ملي جڏهن هُن چاڪليٽي هيرو ۽ پروڊيوسر وحيد مراد سان گڏ هڪ ڪامياب جوڙي ٺاهي. 8 ڊسمبر 1946 تي آرائين گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ راني اردو ۽ پنجابي فلمن ۾ ڪم ڪيو، مشهور ڊائريڪٽر انور ڪمال پاشا 1962 ۾ پنهنجي فلم محبوب ۾ راني کي پهريون ڪردار ڏنو، جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي سالن تائين (موج ميلا، اَيڪ تيرا سهارا ۽ صفيد خُون) جهڙين فلمن ۾ مددگار ڪردارن ۾ نظر آئي. (هزار داستان ۽ دَيور ڀاڀِي) جِي ڪاميابيءَ کانپوءِ راني ٽاپ اداڪارا بڻجي وئي، سندس ڪجهه ذڪر جوڳين فلمن ۾ (چَن مکڻا، سجن پيارا، جند جان، دنيا مطلب، انجمن، تهذيب، عمرائو جان، ناگ منِي، سيتا مريم مارگريٽ، ايڪ گناهه) ۽ ٻيون شامل آهن. 1960 واري ڏهاڪي جَي آخر ۾ پنهنجي شروعاتي ڪاميابي کانپوءِ راني ناليواري هدايتڪار حسن طارق سان شادي ڪئي، گهريلو تڪرار سبب حسن طارق 1970 واري ڏهاڪي جَي آخر ۾ راني کي طلاق ڏني، جنهن کانپوءِ پروڊيوسر ميان جاويد قمر سان شادي ڪيائين، جنهن کيس اُن وقت طلاق ڏني جڏهن ڪينسر جِي خبر پئي. لنڊن ۾ علاج دوران رانيءَ جِي ملاقات مشهور ڪرڪيٽر سرفراز نواز سان ٿي، جن جلد ئي شادي ڪري ڇڏي پر اها شادي به گهڻو وقت هلي نه سگهي ۽ ٻئي ڌار ٿي ويا، 27 مئي 1993 تي پنهنجي ڌيءَ رابعه جِي شاديءَ جَي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ راني 46 ورهين جِي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري وئي..........

خبرون