تازه ترين
صدر آصف علي زرداري امن امان جِي صورتحال  بابت اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

صدر آصف علي زرداري امن امان جِي صورتحال بابت اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سميت، وفاقي ۽ صوبائي گهرو وزير شريڪ ٿيندا، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عملدار به شرڪت ڪندا، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جڏهن به چاهي ڪچي ۾ آپريشن لاءِ فوج کي استعمال ڪري سگھي ٿي، گھوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور جَي ڪچي ۾ آپريشن جو جائزو ورتو پيو وڃي، وڏي وزير مراد علي شاهه سان سمورن معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويندو، هي وقت سياست ڪرڻ جو نه پر عملي ڪم ڪرڻ جو آهي

خبرون