تازه ترين
پاڪستان تاريخ رقم ڪري ڇڏي، پهريون خلائي مشن چنڊ ڏانهن روانو

پاڪستان تاريخ رقم ڪري ڇڏي، پهريون خلائي مشن چنڊ ڏانهن روانو، پاڪستان جي تاريخ جو پهريون خلائي مشن “ آءِ ڪيوب قمر” چين جي هنيان اسپيس اسٽيشن تان روانو ٿي ويو، مشن روانو ٿيڻ تي الله اڪبر ۽ پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳايا ويا، خلائي مشن پنجن ڏينهن ۾ چنڊ جي مدار ۾ پهچندو، مشن ڇهن مهينن اندر چنڊ جي مدار ۾ رهندو ۽ چنڊ جون تصويرون موڪليندو، پاڪستان چنڊ جي مدار ۾ سيٽلائيٽ ميشن موڪليندڙ ڇهون ملڪ بڻجي ويو، “آءِ ڪيوب ڪيو” کي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالوجي چين جي شنگهائي يونيورسٽي ۽ پاڪستان نيشنل اسپيس ايجنسي سپارڪو جي سهڪار سان ڊزائن ۽ تيار ڪيو ، ست ڪلو وزني “ آءِ ڪيوب قمر ” کي تيار ڪرڻ ۾ 2 سال لڳا،“ آءِ ڪيوب ڪيو ” آربيٽر آپيٽڪل ڪيمرائن سان ليس آهي جيڪي چنڊ جي سطح جون تصويرون وٺڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن، خلائي مشن کي روانو ڪرڻ دوران ويب سائيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي سڌي ريت ڏيکاريو ويو..........

خبرون