تازه ترين
بلوچستان جي شهر خضدار ۾ بم ڌماڪو، خضدار پريس ڪلب جو صدر مارجي ويو

بلوچستان جي شهر خضدار ۾ بم ڌماڪو، خضدار پريس ڪلب جو صدر مارجي ويو، 9 ڄڻا زخمي، پوليس موجب خضدار پريس ڪلب جي صدر محمد صديق مينگل جي گاڏيءَ کي ريمورٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي سان نشانو بڻايو ويو، مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، 7 اپريل تي به خضدار ۾ بم ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا هئا، خضدار ۾ ڌماڪي کانپوءِ سنڌ ۾ ايندڙ حڪم تائين سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪرڻ جا حڪم جاري، گهرو وزير حڪم ڏنو آهي ته سمورين مسجدن، امام بارگاهن، اهم سرڪاري ۽ خانگي آفيسن، عمارتن سميت حساس ٺڪاڻن تي سڪيورٽي قدمن کي غير معمولي بڻايو وڃي،گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران خضدار ۾ پريس ڪلب سامهون ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت.................

خبرون