تازه ترين
سيف علي خان گهر ۾ ڦر مزاحمت تي زخمي، اسپتال منتقل

بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان جي گهر ۾ ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي اداڪار زخمي. ڀارتي ميڊيا موجب، سيف علي خان ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ زخمي ٿيو ۽ کيس ليلاوتي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، واقعو رات دير سان 2 وڳي ممبئي جي شهر باندرا ۾ اداڪار جي گهر ۾ پيش آيو. ڀارتي ميڊيا موجب، هڪ اڻڄاتل شخص چوريءَ جي ارادي سان سيف علي خان جي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران اداڪار تي چاقوءَ سان حملو ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب، چور سيف علي خان جي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن دوران اداڪار مزاحمت ڪرڻ تي زخمي ٿي پيو. واقعي جي خبر سامهون اچڻ کان پوءِ سيف علي خان جي مداحن ۾ ڪاوڙ ۽ ڏک جي لهر پکڙيل آهي.

خبرون