تازه ترين
ضياءُ الحسن لنجار ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ ڌرڻو هڻندڙ وڪيلن ۽ عوام کي پاڻمرادو ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ ڌرڻو هڻندڙ وڪيلن ۽ عوام کي پاڻمرادو ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي سندس خلاف غلط ڳالهيون نه پکيڙيون وڃن، ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن تي طاقت جي استعمال تي ڪو آپشن غور هيٺ ناهي، اسان ڪئنالن جا سخت مخالف آهيون، بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام جو ڪيس وڙهيو، احتجاج ڪندڙن کي يقين ڏياريون ٿا ته ڪئنال نه ٺهندا، اهو منصوبو دفن ٿي ويو آهي، سنڌ سميت سڄي ملڪ جا ماڻهو ڌرڻن سبب پريشاني کي منهن ڏين پيا، وڪيلن ۽ عوام کي درخواست آهي ته پاڻمرادو روڊ کولي ڇڏين.

خبرون