سنڌ حڪومت جي درخواست تي وزيراعظم سي سي آءِ اجلاس اڄ سڏائي ورتو: شرجيل انعام ميمڻ
سنڌ حڪومت جي درخواست تي وزيراعظم شهباز شريف گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس اڄ ئي طلب ڪري ورتو ، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سي سي آءِ جو اجلاس ٻه مئي تي ٿيڻو ھو، سنڌ حڪومت جي گذارش تي اڄ ئي ٿي رھيو آھي. وزير اعظم جي صدارت ھيٺ اجلاس اڄ شام اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ڪينالن جي معاملي جو فيصلو ٿي ويندو، سنڌ طرفان وڏو وزير سيد مراد علي شاھه سي سي آءِ اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعظم جي ڳالھين تحت فيصلو ٿيندو ۽ ڪينالن جو مسئلو ختم ٿي ويندو،وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون جنهن اسانجو مطالبو منظور ڪيو، سنڌ حڪومت ڊائيلاگ تي يقين رکي ٿي،احتجاج ڪندڙن سان رابطي ۾ آهيون، مظاهرين کي گهرجي ته بنا دير ڌرڻا ختم ڪن