تازه ترين
سنڌ حڪومت طرفان ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين خلاف ڪريڪ ڊائون

سنڌ حڪومت طرفان ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين خلاف ڪريڪ ڊائون، 25 هزار 625 موٽرسائيڪلون تحويل ۾ ورتيون ويون، چنگچي رڪشائن خلاف ڪارروائي ۾ 278 گاڏيون ضبط ڪري عدالت ۾ جمع ڪرايون ويون ۽ 278 ڊرائيورز کي گرفتار ڪيو ويو، رجسٽريشن کانسواءِ هلندڙ 13 چنگچي رڪشائن کي به تحويل ۾ ورتو ويو، هيوي ۽ لائيٽ ٽرانسپورٽ گاڏين خلاف به سخت ڪارروائي ڪري 416 گاڏيون ضبط ڪيون ويون، 25 گاڏين جي رجسٽريشن رد ڪرڻ لاءِ سفارش،سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت روڊن کي محفوظ، قانون جي تابع ۽ شهرين لاءِ آسان بڻائڻ لاءِ عزم تي پوري شدت سان ڪم ڪري رهي آهي، عوامي سهڪار کانسواءِ جٽادار تبديلي ممڪن ناهي، سمورا شهري، ڊرائيورز ۽ ٽرانسپورٽرز قانون جو احترام يقيني بڻائين

خبرون