تازه ترين
پاڪ فوج پاڪستان ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگرديءَ کي دنيا آڏو وائکو ڪري ڇڏيو

پاڪ فوج پاڪستان ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگرديءَ کي دنيا آڏو وائکو ڪري ڇڏيو، 25 اپريل تي ڀارت مان تربيت ورتل دهشتگرد عبدالمجيد کي جهلم ڀرسان بس اڏي تان پڪڙيو ويو، جنهن وٽان اڍائي ڪلو گرام وزني بم ۽ سندس گهر مان ڀارت ۾ تيار ٿيل ڊرون ۽ ڏهه لک رپيا هٿ ڪيا ويا، ان دهشتگرد جا هينڊلرز ڀارت جا فوجي آفيسر آهن، جن جي دهشتگرد سان ڳالهه ٻولهه به سامهون آئي آهي، 23 اپريل تي سکويندر دهشتگرد عبدالمجيد کي بس اسٽينڊ تي بم حملي جو ٽاسڪ ڏنو، ڀارتي هينڊلرز دهشتگرد کي چئي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ شهرين جا لاش گهرجن، پاڪستان ۾ ڪارروائي ڪريو ته جيئن دنيا کي ٻڌائي سگهجي ته اتي دهشتگردي آهي، ميجر سنديپ اعتراف ڪيو آهي ته هو بلوچستان کان لاهور تائين دهشتگردي ڪري رهيا آهن، ڀارت پاڪستان ۾ شهرين ۽ فوج تي حملن جي لاءِ دهشتگردن کي بارود به فراهم ڪري رهيو آهي، اهي آءِ اي ڊيز ڊرون جي ذريعي اماڻيون وڃن ٿيون: پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف پريس ڪانفرنس ڀارتي رياستي دهشتگرديءَ جا رد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا، سندس چوڻ آهي ته پهلگام واقعي کي 7 ڏينهن ٿي ويا آهن پر ڀارت اڃا تائين الزامن جو ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي

خبرون