اڄ کان ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات جو الرٽ جاري
اڄ کان ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات جو الرٽ جاري، پرووينشل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي پنجاب ۾ آنڌاري ۽ برساتن بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، پنجاب جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان 4 مئي تائين آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان، پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، منڊي بهاوالدين، گجرات، جهلم ۽ گوجرانوالا ۾ تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي، لاهور، قصور، سيالڪوٽ، نارووال، اوڪاڙا، فيصل آباد، ٽوبا ٽيڪ سنگھ، جھنگ، خوشاب، سرگوڌا ۽ ميانوالي ۾ به آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي، وزيراعليٰ مريم نواز جي هدايتن تي ضلعي انتظاميا، اسڪول ايجوڪيشن، صحت کاتي، آبپاشي، مواصلات کاتي، لوڪل گورنمينٽ ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي کي به الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، انفارميشن ڊپارٽمينٽ، واسا، پنجاب پوليس ۽ سول ڊفينس کي به موسمي حالتن جي حوالي سان الرٽ ڪيو ويو آهي، عام ماڻهو اهڙي صورتحال ۾ کليل آسمان هيٺ نه وڃن