شگر ۽ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ جا ڪجھ آسان گھريلو ٽوٽڪا
سڄي دنيا ۾ ماڻهو غير صحتمند کاڌي ۽ سست زندگي گذارڻ جي ڪري شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار ٿي رهيا آهن. سڀ کان پهرين، اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو مرض ڇو ٿو ٿئي.اسان روزانو ڪيتريون ئي اهڙيون شيون کائيندا آهيون، جن ۾ تريل، مسالي وارو کاڌو، مٺيون ۽ ٿڌيون شيون شامل آهن، پر اسان کي انهن جي هاڃيڪار اثرن جي خبر نه هوندي آهي. ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ، شگر ۽ بلڊ پريشر جو مسئلو ايترو شديد آهي جو دوائن جي استعمال سان به ان کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن توهان ڊاڪٽر جي هدايتن تي عمل ڪريو ٿا، دوائن ۽ خوراڪ سان گڏ ڪجهه صلاحن تي عمل ڪيو ٿا ته توهان فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا. آملا: قدرت آمله ۾ وٽامن سي ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس جو خزانو رکيو آهي، جيڪو شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر ٻنهي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.ان کانسواءِ، اهو جسم مان ڪوليسٽرول جي سطح کي گهٽائڻ ۾ پڻ مدد ڪري سگهي ٿو، جيڪو توهان جي دل جي ڊگهي زندگيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هُرٻي جو پاڻي هُرٻي جو ٻج قدرتي طور شگر جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اهي ننڍا ٻج فائبر سان ڀريل آهن، جيڪي رت ۾ شگر جي سطح کي گهٽائين ٿا. هڪ چمچو هرٻي جو ٻج رات جو پاڻي ۾ ڀڄائي ڪري خالي پيٽ پيئڻ سان رت ۾ شگر جي سطح ۽ انسولين جي حساسيت بهتر ٿيندي آهي،جڏهن ته رت جو دٻاءُ گهٽائڻ ۾ پڻ مدد ملندي آهي. هلدي ۽ ليمي جو رس هَلديءَ ۾ سوڄ ختم ڪرڻ جي خاصيت هوندي آهي، جيڪو بلڊ شگر ۽ رت جي دٻاءُ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو بهترين نسخو آهي. هلديءَ ۾ موجود فعال مرڪب ڪرڪيومين رت ۾ شگر جي سطح کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ انسولين جي حساسيت کي وڌائي ٿو، جڏهن ته ان ۾ ليمي جو رس شامل ڪرڻ سان هاضمي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ٽماٽو ۽ ڏاڙهونءَ جو رس ٽماٽي ۽ ڏاڙهونءَ ٻنهي ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ، وٽامن ۽ معدنيات وڏي مقدار ۾ موجود هوندي آهي، جيڪي دل جي صحت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ٽماٽي ۾ لائيڪوپين هوندو آهي، جيڪو ڪوليسٽرول ۽ بلڊ پريشر جي سطح کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندو آهي. ٻئي پاسي ڏاڙهونءَ جو رس رت جي دوري کي بهتر بڻائڻ ۽ سوڄ کي گهٽائڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اهو خالي پيٽ پيئڻ صحت لاءِ لاڀائتو آهي.