سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ عيدالاضحيٰ مذهبي عقيدت ۽ جوش جذبي سان ملهائي پئي وڃي
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ عيدالاضحيٰ مذهبي عقيدت ۽ جوش جذبي سان ملهائي پئي وڃي، اسلام آباد، ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد نماز جا اجتماع، اسلام جي سربلندي، ملڪي ترقي، خوشحالي، فلسطيني ۽ ڪشميري مسلمانن لاءِ خاص دعائون گهريون ويون،عالم سڳورن خطابن ۾ حضرت ابراهيم جي قرباني جي روح ۽ فلسطفي تي روشني وڌي، عيد نماز کانپوءِ سنت ابراهيمي تحت لکين مسلمان عيد قربانيءَ ۾ مصروف، قرباني جو سلسلو ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو.
Designed & Developed by
Aftab Tunio