سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ عيد نماز ادا ڪئي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ عيد نماز ادا ڪئي، وڏو وزير عيد نماز کانپوءِ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان عيد مليو، ڳڙهي خدا بخش ۾ عيد نماز پڙهڻ کانپوءِ وڏو وزير ڀان سيد آباد ويجهو اباڻي ڳوٺ واهڙ پهتو، وڏي وزير واهڙ ۾ پنهنجي والد عبدالله شاهه جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهـُري، وڏي وزير تڪ جي ماڻهن جا مسئلا ٻــُڌا ۽ موقعي تي حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
Designed & Developed by
Aftab Tunio