سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ پيپلز پارٽي جي نوجوان اڳواڻ راول شرجيل ميمڻ ٽنڊي ڄام ڀرسان راهوڪي راول هائوس ۾ عيد نماز ادا ڪئي
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ پيپلز پارٽي جي نوجوان اڳواڻ راول شرجيل ميمڻ ٽنڊي ڄام ڀرسان راهوڪي راول هائوس ۾ عيد نماز ادا ڪئي، غزا، پاڪ فوج جي شهيدن ۽ پ پ جي شهيدن لاءِ خاص دعا گهـُري وئي، سندس چوڻ آهي ته عيد جو ڏينهن خوشي ۽ اتحاد جو ڏينهن آهي، اسانکي متحد ٿي هڪ ٻئي سان گڏ هلڻو آهي، اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوششن سان پاڪستان ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، بلاول ڀٽو زرداري هن وقت اهم مشن تي آهي جيڪو پاڪستان جو موقف سڄي دنيا ۾ پهچائي رهيو آهي، پاڪ ڀارت جنگ دوران ميڊيا جو ڪردار واکاڻ جوڳيو رهيو، ميڊيا ڀارتي ڪوڙي پروپينگڊا جو بهترين جواب ڏنو ۽ ان جو دفاع ڪيو، ٻوڏ متاثرن لاءِ سڀ کان وڏو هائوسنگ پراجيڪٽ تعمير ٿي رهيو آهي، هن وقت تائين 8 لک کان وڌيڪ گهر مڪمل ٿي ڇڪا آهن جن ۾ سولر هوم سسٽم به فراهم ڪيو پيو وڦي، وڏي وزير جي قيادت ۾ سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو ويو آهي، پي ٽي آءِ باني ۽ وفاقي حڪومت کي ڳالهين ذريعي پنهنجي مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي، پي ٽي آءِ کي به گهرجي ته انتشار واري سياست ڇڏي هاڪاري سياست ڪري، اسانجي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناهي، اسان چاهيون ٿا ته سڀ هڪ پيج تي هجن ۽ گڏجي ملڪ توڙي قوم جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.