ڪراچي ۾ لانڍي ايڪسپورٽ پراسيسنگ زون اندر باهه لڳڻ سبب 3 فيڪٽريون مڪمل طور تي سڙي ويون
ڪراچي ۾ لانڍي ايڪسپورٽ پراسيسنگ زون اندر باهه لڳڻ سبب 3 فيڪٽريون مڪمل طور تي سڙي ويون، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، فائربرگيڊ جون ڪيتريون ئي گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف، فائربرگيڊ اختيارين موجب ڪپڙن ۽ تيل جي فيڪٽرين کي رات چار وڳي باهه لڳي، جنهن کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي وسائڻ جو عمل جاري آهي، ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته هڪ فيڪٽري کي لڳل باهه تيز هوا سبب پاسي وارين ٻن فيڪٽرين کي به وڪوڙي وئي، متاثر فيڪٽرين مان سامان ڪڍڻ جي به ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب پهچي فيڪٽرين کي لڳل باهه وسائڻ واري عمل واري عمل جو معائنو ڪيو
Designed & Developed by
Aftab Tunio