ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند نٿو ڪري سگهي, بلاول ڀٽو
ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند نٿو ڪري سگهي،پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ، جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، مسئلن جو حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ئي نڪري سگهي ٿو، پاڪستان امن ۽ ڀارت جنگ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي،پاڪستان ڳالهين ذريعي ڪشمير ۽ ٻيا معاملا حل ڪندو، جنگ دوران پاڪستاني ۽ ڀارتي ميڊيا ۾ واضح فرق نظر آيو، ڀارت جو موقف ڪوڙ تي ٻڌل آهي، پاڪستان سمجهي ٿو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، پارلياماني وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جي لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس،اسان مقابلي جي طاقت رکڻ باوجود به امن چاهيون ٿا، فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ پاڪستان ڀارت کان جنگ کٽي آهي،ڀارت سک اڳواڻن جي قتل ۾ ملوث آهي، پاڪستان ثابت ڪري ڏيکاريو ته پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو، امن قائم ڪرڻو آهي ته ڀارت کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.
Designed & Developed by
Aftab Tunio