پگهار دار طبقي کي وڌ مان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي, ناڻي وارو وفاقي وزير
پگهار دار طبقي کي وڌ مان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ٽيرف ۾ سڌارا آڻڻ ضروري آهن،مجموعي طور 7 هزار ٽيرف لائينز آهن، 4 هزار ٽيرف لائينز ۾ ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪري ڇڏي آهي، ٽيرف سڌارن سان ملڪي برآمدات ۾ واڌ ٿيندي، گذريل 30 سالن دوران ٽيرف بابت ڪجهه به نه ڪيو هو، ٻه هزار7 سئو ٽيرف لائنز ۾ ڪسٽم ڊيوٽي کي گهٽ ڪيو آهي ،ڪسٽم ڊيوٽي ختم ٿيڻ سان ايڪسپورٽرز کي فائدو ٿيندو،سڌارا ڪري ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، انرجي سڌارن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پينشن جي حوالي سان به سڌرا آندا ويا آهن، ننڍن آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ صوبن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، ننڍن آبادگارن کي آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا، زرعي شعبي ۾ ڪو به ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي پوسٽ بجيٽ ڪانفرنس، چيائين، هن سال اسان انفورسمينٽ ذريعي 4سئو ارب کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو،گذريل سال اسانکي ٽيڪس لڳائڻ پيا ، عالمي ادارا اسان جي ڳالهه نه ٻڌي رهيا هئا، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي ترقي لاءِ صوبن کي گڏجي ڪم ڪنداسين ، واڌو ٽيڪس مجبوري ۾ لڳايا آهن، پينشن ۽ پگهارن کي مهانگائي سان لنڪ ڪرڻو آهي.