سوئٽزرلينڊ جي شهري برف ۾ دفن ٿيڻ جو انوکو رڪارڊ قائم ڪري ورتو
سوئٽزرلينڊ جي هڪ شخص برف ۾ دفن ٿيڻ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب سوئٽزرلينڊ جي شهري جو نالو ايلس ميئر آهي، جيڪو پيشي جي لحاظ کان پاور لفٽر آهي. ايلس برف هيٺان 2 ڪلاڪ ۽ 7 سيڪنڊ گذاري اهو رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته ايلس سوئمنگ اڌ ڪپڙا پهري سڀ کان وڌيڪ وقت تائين برف هيٺان رهڻ جو ڪارنامو انجام ڏنو. ميڊيا رپورٽس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايلس شارٽس پهري پنهنجي جسم جو گهڻو حصو برف سان ڍڪي ڇڏيو. ان کان اڳ، اهو رڪارڊ 2022 ۾ ويلرجان رومانوسڪي نالي شخص 1 ڪلاڪ 45 منٽ ۽ 2 سيڪنڊن ۾ قائم ڪيو هو.
Designed & Developed by
Aftab Tunio