ٻي ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پاڪستان خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو
ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ ۾، ميزبان ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پاڪستان خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ٽرينيڊاد ۾ کيڏي پئي وڃي. پهرين ميچ ۾، پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪئي. اڄ پاڪستاني ٽيم ۾ ٽي تبديليون ڪيون ويون آهن. حسن علي، محمد نواز ۽ محمد ابرار کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته فهيم اشرف، سفيان مقيم ۽ نسيم شاهه اڄوڪي پليئنگ اليون ۾ شامل نه آهن.
Designed & Developed by
Aftab Tunio
