پاڪستان ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ ۾ ڀارت خلاف مئچ ۾ اختيار ڪيل رويي تي سخت ايڪشن وٺندي ايشيا ڪپ جون وڌيڪ مئچز نه کيڏڻ جي ڌمڪي ڇڏي
پاڪستان ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ ۾ ڀارت خلاف مئچ ۾ اختيار ڪيل رويي تي سخت ايڪشن وٺندي مئچ ريفري تبديل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ايشيا ڪپ جون وڌيڪ مئچز نه کيڏڻ جي ڌمڪي ڇڏي، ذريعن موجب پي سي بي، آءِ سي سي تي واضح ڪيو آهي ته مئچ ريفري تبديل نه ڪيو ويو ته پاڪستاني ٽيم ايشيا ڪپ ۾ وڌيڪ ڪا مئچ نه کيڏندي، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پي سي بي، آءِ سي سي کي شڪايت ڪئي آهي، ايشيا ڪپ مان مئچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي بنا دير هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي
Designed & Developed by
Aftab Tunio
