تازه ترين
پاڪستان بنگلاديش کي شڪست ڏئي ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

پاڪستان بنگلاديش کي شڪست ڏئي ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو *ايشيا ڪپ سپر فور مرحلي جي اهم ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 11 رنز سان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، فائنل ۾ هڪ ڀيرو وري روايتي مخالف ڀارت سان مقابلو ٿيندو. پاڪستان طرفان مليل 136 رنز جي هدف ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنز ٺاهي سگهي. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي ۽ حارث رئوف 3، 3، صائم ايوب 2 جڏهن ته محمد نواز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. دبئي ۾ ٿيل ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان لٽن داس جي غيرموجودگي ۾ ڪپتاني جا فرض ذاڪر علي ڏنا ۽ ٽاس کٽي پهريان پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. پاڪستان 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنز ٺاهيون هيون.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio