ڀارت ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي
ڀارت ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي *ايشيا ڪپ 2025 جي فائنل ۾ ڀارت پاڪستان کي سخت مقابلي بعد 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. ڀارتي ٽيم پاڪستان طرفان ڏنل 147 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ حاصل ڪيو. ميچ ۾ ڀارت جي طرفان تلڪ ورما 69 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ ميچ جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس ساٿي شِوَم دوبي 33، سنجو سيمسن 24 ۽ شڀمن گل 12 رنسون ٺاهيون، جن جي مدد سان ڀارت آخري اوور ۾ ميچ کٽي ورتي. ان کان اڳ پاڪستان ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 146 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان جي رڳو ٻن بيٽسمينن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، جن ۾ صاحبزادا فرحان 57 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، ۽ فخر زمان 46 رنسون ٺاهي ٻئي نمبر تي رهيو. باقي بيٽسمين ناڪام رهيا، جتي صائم ايوب 14، سلمان آغا 8، حارث رئوف ۽ محمد نواز 6-6 رنسون ٺاهي سگهيا، جڏهن ته محمد حارث، شاهين آفريدي ۽ فهيم اشرف بنا ڪنهن رنس جي آئوٽ ٿي ويا. حسين طلعت ۽ ابرار احمد رڳو هڪ-هڪ رنس ٺاهي..
