تازه ترين
ايران خلاف مختلف آپشنن تي غور ڪيو پيو وڃي: ٽرمپ

ايران خلاف مختلف آپشنن تي غور ڪيو پيو وڃي: ٽرمپ *آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران خلاف مختلف آپشنن تي غور ڪيو پيو وڃي، جن ۾ فوجي ڪارروائي به شامل آهي. هن چيو ته هو اپوزيشن اڳواڻن سان به رابطي ۾ آهي. فلوريڊا کان واشنگٽن ويندي جهاز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته ايران ۾ انٽرنيٽ جي بحالي بابت ارب پتي واپاري ايلون مسڪ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، ڇو ته سندس ڪمپني هن شعبي ۾ بهترين ڪم ڪري رهي آهي. صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته گرين لينڊ سان به ڊيل ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ماريا ڪورينا ماچادو سان اڱاري يا اربع ڏينهن ملاقات جو امڪان آهي. آمريڪي عملدارن موجب صدر ٽرمپ سڀاڻي ايران بابت معاملن تي غور ڪرڻ لاءِ سينيئر صلاحڪارن سان به ملاقات ڪندو.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio