ايران جو مزاحمت ۾ شهيد ٿيلن جي ياد ۾ سوڳ جو اعلان
ايران جو مزاحمت ۾ شهيد ٿيلن جي ياد ۾ سوڳ جو اعلان *ايران آمريڪا ۽ اسرائيلي حڪومت خلاف مزاحمت دوران شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي ياد ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايراني حڪومت موجب ايراني انقلاب جي حمايت ۾ اڄ تهران جي انقلاب اسڪوائر تي وڏي ريلي ڪڍي ويندي. سرڪاري ميڊيا موجب لنڊن ۾ مظاهرين طرفان ايراني سفارتخاني تان قومي جهنڊو لاٿو ويو، جنهن تي ايران برطانيا جي سفير کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. هوڏانهن آمريڪي انساني حقن جي تنظيم دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۾ گذريل ٻن هفتن کان جاري مظاهرن دوران 490 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جن ۾ 48 سيڪيورٽي اهلڪار به شامل آهن.
Designed & Developed by
Aftab Tunio
