ٽرمپ جو به فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه وارو حشر ٿيندو: آيت الله خامنه اي
ٽرمپ جو به فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه وارو حشر ٿيندو: آيت الله خامنه اي * ايران جَي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اِي چيو آهي ته فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه سان جيڪو ٿيو اُهو ئي ٽرمپ سان ٿيندو. آيت الله خامنه اِي سوشل ميڊيا بيان ۾ چيو ته غرور ۾ ٻڏل هڪ شخص پوري دنيا جا فيصلا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته غرور ۾ ٻڏل اِن شخص کي سمجهڻ گهرجي ته اقتدار جَي عروج تي طاقتور ترين حڪمرانن سان ڇا ٿيو؟ سندس چوڻ هو ته فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اُهو ئي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان به ٿيندو. واضح رهي ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان امريڪا ۽ اسرائيل کي ايران ۾ وڳوڙن جو ذميوار قرار ڏنو آهي.
Designed & Developed by
Aftab Tunio
