تازه ترين
حڪومت اسپيشل اڪنامڪ زون ترميمي آرڊيننس 2026 واپس وٺي ڇڏيو

*حڪومت اسپيشل اڪنامڪ زون ترميمي آرڊيننس 2026 واپس وٺي ڇڏيو آهي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم آئين جي آرٽيڪل 89/2 تحت آرڊيننس واپس وٺڻ جو مشورو ڏنو. ان کان اڳ، وزيراعظم هي آرڊيننس صدر کي منظوري لاءِ موڪليو هو. قومي اسيمبلي ۾، پيپلز پارٽي صدر جي صحيح کانسواءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. پيپلز پارٽي جي نويد قمر چيو ته پهريون ڀيرو حڪومت اهڙو آرڊيننس لاڳو ڪيو آهي جنهن جي صدر منظوري نه ڏني آهي. هن قانون جي ڪا به حيثيت ناهي. انهن حالتن ۾، اسان هن ايوان جو حصو نه ٿا بڻجون. پيپلز پارٽي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته حڪومت جي طرفان، اسان واضح ڪريون ٿا ته جيستائين صدر ان جي منظوري نه ڏيندو تيستائين نوٽيفاءِ نه ڪنداسين. پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر عبدالقادر پٽيل چيو ته پيپلز پارٽي کي اسپيشل اڪنامڪ زونز آرڊيننس تي اعتراض آهي، جيڪو صدر جي منظوري کان سواءِ جاري ڪيو ويو هو.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio