آمريڪا جارحيت ڪئي ته سخت جواب ڏينداسين: ايراني قيادت
آمريڪا جارحيت ڪئي ته سخت جواب ڏينداسين: ايراني قيادت *ايراني دفاع واري وزير عزيز ناصر زادا چيو آهي ته جيڪڏهن ايران خلاف ڪا به جارحيت ڪئي وئي ته ان جو حيران ڪندڙ ۽ سخت جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته ايران جي حڪمت عملي مڪمل طور تي تيار آهي ۽ ملڪ هر صورتحال کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو. عزيز ناصر زادا خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن واشنگٽن ڪو به بيوقوفاڻو قدم کنيو ته دنيا جي مختلف علائقن ۾ آمريڪي مفادن کي نشانو بڻايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ملڪ آمريڪي جارحيت کي آسان بڻائين ٿا، انهن کي به نه بخشيو ويندو. ٻئي پاسي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران جنگ ۽ ڳالهين ٻنهي لاءِ تيار آهي، پر ڌمڪين ۽ دٻاءَ کان سواءِ ڳالهين جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ايران هميشه پرامن ڳالهين تي يقين رکي ٿو، پر پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪندو. ايراني قيادت جو چوڻ آهي ته موجوده حالتن ۾ عالمي برادري ذميواري جو مظاهرو ڪري.
