پيٽرول پمپ کي ٽن هفتن لاءِ سيل ڪرڻ جو حڪم معطل
پيٽرول پمپ کي ٽن هفتن لاءِ سيل ڪرڻ جو حڪم معطل * سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي يونيورسٽي جي زمين تي پيٽرول پمپ سيل ڪرڻ واري حڪم کي معطل ڪري ڇڏيو پي ايس او عاصم اقبال وڪيل ذريعي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي زمين تي قبضي جو الزام غلط آهي، زمين 2012 ۾ خريد ڪئي وئي هئي درخواستگذار عدالت ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر پيٽرول پمپ کي سيل ڪرڻ کان اڳ درخواستگذار کي صفائي جو موقعو نه ڏنو ٻڌڻي دوران عدالت ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ جي پيٽرول پمپ کي ٽن هفتن لاءِ سيل ڪرڻ جي حڪم کي معطل ڪري ڇڏيو بينچ پيٽرول پمپ کي سيل ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي پيٽرول پمپ بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
Designed & Developed by
Aftab Tunio
