تازه ترين
  وڏي وزير پاران 3 آگسٽ تي اسڪول کولڻ واري تجويز رد، يارنهن آگسٽ تي تعليمي ادارا کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

* وڏي وزير پاران 3 آگسٽ تي اسڪول کولڻ واري تجويز رد ڪندي سمورا تعليمي ادارا 11 آگسٽ تي کولڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب وڏي وزير 3 آگسٽ تي تعليمي ادارا کولڻ واري تجويز رد ڪري يارنهن آگسٽ تي اسڪول کولڻ واري نوٽيفڪيشن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته يارنهن آگسٽ تي سمورا تعليمي ادارا کوليا وڃن. ان کان اڳ تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهي سنڌ جي جن علائقن ۾ ٻوڏ ناهي اتي اسڪول 3 آگسٽ تي کولڻ ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪول 10 آگسٽ تي کولڻ لاءِ چيو هو. سيڪريٽري تعليم جو چوڻ هو ته اهڙو فيصلو شاگردن جي مفاد ۾ ڪيو ويو آهي.

خبرون