تازه ترين
ناليواري ڳائڻي روبينا ڪاوش گڙدن جي تڪليف سبب لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

سنڌ جي لوڪ فنڪارا روبينا ڪاوش ڊگهو عرصو بيمار رکڻ کانپوءِ چانڊڪا اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. روبينا ڪاوش گذريل ڪيتري عرصي کان گڙدن جي مرض ۾ مبتلا هئي. چانڊڪا اسپتال انتظاميا موجب لوڪ فنڪارا روبينا ڪاوش گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هئي. ترجمان موجب روبينا ڪاوش جو علاج هلندڙ هو پر اوچتو طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي. ٻئي طرف ثقافت کاتي سميت ڪنهن به روبينا ڪاوش جي سهائتا نه ڪئي وئي هئي.

خبرون