تازه ترين
سيڪريٽري تعليم ضلعي نوشهري فيروز جي 291  ڀرتي ٿيل استادن ٻئي ملازمن جو سمورو رڪارڊ طلب

* تعليم کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ضلعي نوشهري فيروز جي 291 ڀرتي ٿيل استادن ٻئي ملازمن جو سمورو رڪارڊ طلب ڪندي گسٽا ضلعي صدر ۽ هيڊماستر کي سسپينڊ ڪري ڇڏيو آهي. سيڪريٽري فضل الله پيچوهو ملازمن جو سمورو رڪارڊ گهرائيندي سسپينڊ ڪيل گسٽا ضلعي صدر ۽ هيڊماستر عزيزالله کي ڪراچي طلب ڪري ورتو آهي. نون ڀرتي ٿيلن ۾ ماستر، ڪلارڪ، پٽيولا، چوڪيدار ۽ ٻيو عملو شامل آهن. سيڪريٽري تعليم عوامي شڪايتن تي آرڊرن جي جانچ پڙتال لاءِ سروس بوڪ سميت سمورو رڪارڊ پنهنجي آفيس ۾ گهرائي ورتو آهي. عوامي شڪايتن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ضلعي نوشهروفيروز جي آفيسرن ۽ يونين اڳواڻن پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري ماڻهن کان لکين روپيا رشوت وٺي جعلي طريقي سان ڀرتيون ڪيون آهن. ان سلسلي ۾ گسٽا ضلعي نوشهروفيروز جي صدر ۽ گورنمينٽ مڊل اسڪول آندل گهانگهرو جي هيڊ ماستر عزيز الله هنڱورو کي سسپينڊ ڪري مڪمل ڪاغذن سميت پنهنجي آفيس ۾ حاضر ٿين جو حڪم ڏنو آهي. جنهن کانپوءِ ضلعي نوشهروفيروز ۾ تعليمي آفيسرن ۽ يونين اڳواڻن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.

خبرون