تازه ترين
برطانيا ۾ عام چونڊون چار جولاءِ تي ٿينديون

برطانيا ۾ عام چونڊون چار جولاءِ تي ٿينديون، برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ، بادشاھ چارلس سان ملاقات کانپوءِ وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته هُو سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ جِي دعويٰ نٿو ڪري پر هن وقت تائين جيڪو حاصل ڪيو ان تي فخر آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر قوم جو اعتماد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانوي پارليامينٽ 24 مئي کان ڪم روڪي ڇڏيندي ۽ 30مئي تي ٽوڙي ويندي، چونڊن کانپوءِ 9 جولاءِ تي پارليامينٽ جو پهريون اجلاس ٿيندو ۽ 17جولاءِ تي نئين سيشن جِي شروعات ٿيندي، مڪاني چونڊن ۾ ڪنزرويٽو پارٽيءَ کي عبرتناڪ شڪست ملي هئي..........

خبرون