تازه ترين
سنڌ حڪومت پيپلز بس سروس شروع ڪئي وڌيڪ بسون اينديون: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي:ايف پي سي سي آءِ ۾ تقريب، شرجيل انعام ميمڻ جو خطاب اسان کي هر شيءِ جي اونرشپ ڪرڻ گھرجي ڪجهه مسئلا حڪومت ته ڪجهه مسئلا ماڻهن کي گڏجي حل ڪرڻا آهن گھڻي عرصي کان ڪراچي کي ٽارگيٽ ڪيو پئي ويو بدقسمتي سان ذاتي مقصدن لاءِ ملڪ جي اميج کي نقصان رسايو ويو سوچيل سمجهيل سازش هئي ته جيئن ڪراچي مان صنعتون هليون وڃن حڪومت ڌاٻيجي اڪنامڪ زون متعارف متعارف ڪرايو، اهو ٽيڪس فري هوندو اهو واحد صنعتي زون هوندو جنهن کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي نوري آباد ۾ صنعتون قائم آهن،سنڌ حڪومت وڌيڪ صنعتون لڳائڻ چاهي ٿي پنهنجون ڪوتاهيون تسليم ڪرڻ گهرجن ذاتي مفادن لاءِ ملڪي مفادن کي داءَ تي نه لڳائڻ گهرجي 15 سال اڳ ڪراچي جون حالتون خراب هيون نگران حڪومت جي دور ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌيو گذريل هڪ مهيني کان اسٽريٽ ڪرائيم ۾ 50 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي سياسي مقصدن لاءِ سنڌ کي ٽارگيٽ نه ڪرڻ گھرجي ها هر حڪومت جي ترجيح هوندي آهي ته امن امان بحال ٿئي ڪراچي جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏين ٿاڪراچي جي ترقياتي منصوبن تي اربين روپيا خرچ ڪيا پيا وڃن ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو آهي جنهن لاءِ ڪي فور منصوبي جي شروعات ڪئي سنڌ حڪومت هر شعبي جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي هر بجيٽ ۾ ڪي فور منصوبي لاءِ حصو رکيو ويندو آهي حيدرآباد-سکر موٽروي بابت وزيراعظم سان ڳالهه ٿي آهي شاهراهن جي حالت کي بهتر بڻايو پيو وڃي ڪراچي ۾ سڄي ملڪ جا ماڻهو روزگار لاءِ اچن ٿا غيرقانوني پرڏيهين جو رجحان سڀ کان وڌيڪ ڪراچي ۾ آهي واپاري برادري کي درخواست آهي ته ٽرانسپورٽ شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪن صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام بهتر بڻائي رهيا آهيون ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پيپلز بس سروس شروع ڪئي وڌيڪ بسون اينديون، ڪراچي پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي اي وي بسون هلن پيون اسان 50 روپين ۾ عوام کي اي سي بسن ۾ سفرڪرائي رهيا آهيون، بار حڪومت کڻي رهي آهي يورپ ۽ آمريڪا ۾ عورتن لاءِ بس سروس نه آهي، سنڌ حڪومت پنڪ بس سروس شروع ڪئي ريڊ لائين بي آر ٽي تي ڪم هلي رهيو آهي، ڪجهه مسئلا هئا جيڪي حل ٿي ويا آهن ميٽروپوليٽن شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جهڙا مسئلا هوندا آهن اسان کي چيلينجز کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي ٿرڪول پراجيڪٽ شهيد بي بي جو ويزن هو پ پ جي سنڌ حڪومت صدر زرداري جي قيادت ۾ ٿرڪول منصوبو شروع ڪيو 3 هزار ميگا واٽ بجلي اڄ ٿرڪول کان قومي گرڊ ۾ وڃي رهي آهي ٿرڪول تي جن ڪم ڪيو انهن مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪيو اسان اهو ڪم ملڪ ۽ عوام لاءِ ڪيو آهي ماڻهو ڦڦڙن ۽ جيري جي ٽرانسپلانٽ لاءِ ڀارت ويندا هئا هاڻي گمبٽ ويندا آهن سنڌ حڪومت اسپتالن تي اربين روپيا خرچ ڪري رهي آهي سنڌ حڪومت سدائين انساني حياتين کي ترجيح ڏني آهي سائبر نائف جو آمريڪه ۾ علاج 50 هزار ڊالرز جو آهي جناح اسپتال ۾ سائبر نائف جو علاج مفت ڪيو پيو وڃي اسان جي پهرين ترجيح انسانن جي صحت ۽ زندگي آهي اسان کي خوشي آهي ته اسان اهڙا اداراٺاهيا آهن جيڪي بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن عورتن ۽ مردن لاءِ ڌار ڌار اليڪٽرڪ ٽيڪسيز هلائينداسين واپارين کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي اسان عوام جا خادم آهيون، اسان هر جائز مسئلو فرض سمجي حل ڪندا آهيون اسٽريٽ ڪرائيم تي پوليس پوري محنت سان ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته ڪاپي جي معاملي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي

خبرون