تازه ترين
 فريال ٽالپر پاران تڪراري ڪئنال رد ٿيڻ تي قوم کي واڌايون

پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر پاران تڪراري ڪئنال رد ٿيڻ تي قوم کي واڌايون، فريال ٽالپر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بهترين قيادت کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا،بلاول ڀٽو زرداري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جمهوري انداز ۾ آواز اٿارڻ ئي اصل رستو آهي،بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ حڪومت هميشه اصولن تي بيٺل رهي آهي،سنڌ جي عوام جي ثابت قدمي اڄ هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي، سنڌ جي حقن لاءِ اٿندڙ آواز سڄي ملڪ جي محروم طبقن لاءِ اميد جو پيغام آهي

خبرون