تازه ترين
ٽرمپ، ايران، افغانستان ۽ يمن سميت 12 ملڪن جي شهرين تي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ايران، افغانستان ۽ يمن سميت 12 ملڪن جي شهرين تي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي، ٽرمپ جو چوڻ آهي ته اهڙو قدم ڪولو راڊ ۾ يهودي احتجاج تي ڪيل حملي کانپوءِ کنيو ويو آهي، فرانسيسي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر سفري پابندين جي هڪ نئين حڪم نامي تي صحيح ڪئي، نئين حڪم نامي مطابق افغانستان، ميانمار، چاڊ، جمهوريا ڪانگو، استوائي گني، اريٽيريا، هيٽي، ايران، ليبيا، صوماليه، سوڊان، يمن جي شهرين تي آمريڪا اچڻ تي مڪمل پابندي هوندي، ان کانسواءِ ستن ملڪن جي شهرين تي جزوي پابندي هوندي، جن ۾ برونڊي، ڪيوبا، لائوس، سيراليون، ٽوگو، ترڪمانستان ۽ وينزويلا شامل آهن انهن ملڪن جي ڪجهه شهرين کي عارضي ورڪ ويزائن جي اجازت ڏني ويندي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio