تازه ترين
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي اضافي ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف ڪارروائي

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي اضافي ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف ڪارروائي، سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ مجموعي طور 883 بسن جي چيڪنگ ڪئي وئي، ڀڃڪڙي ڪندڙ ٽرانسپورٽرز تي 11 لک 56 هزار روپين جو ڏنڊ به لڳايو ويو، مسافرن کان اوڳاڙيل اضافي ڀاڙن جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 4 لک 16 هزار روپيا واپس ڏياريا ويا، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ٽرانسپورٽر کي عوام کي ڦـُرڻ جي اجازت نه ڏبي، سنڌ حڪومت مسافرن جي حقن جي محافظ آهي، عوام کي سهولتن جي فراهمي ۽ انهن جي حقن جو تحفظ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، جيڪو ٽرانسپورٽر قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio