ڀارتي شهر احمد آباد ۾ ايئر انڊيا جو جهاز ڪري تباهه، سمورا مسافر اجل جو شڪار
ڀارتي شهر احمد آباد ۾ ايئر انڊيا جو جهاز ڪري تباهه، سمورا مسافر اجل جو شڪار، واقعي جي تصديق ڪندي ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جهاز ۾ سوار 242 مسافرن مان هڪ به نه بچيو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب جهاز ڊاڪٽرن جي هاسٽل مٿان ڪريو، جتان 5 لاش اسپتال پهچايا ويا، حادثي جو شڪار ٿيل جهاز ۾ گجرات جو اڳوڻو وڏو وزير وجي روپاڻي به سوار هو، حادثي جو شڪار ٿيلن ۾ 169 ڀارتي مسافر، 53 برطانوي،7 پرتگالي ۽ هڪ ڪينيڊا جو مسافر به شامل، خابرو اداري موجب جهاز احمد آباد کان لنڊن لاءِ اڏاڻو هو، ايئر انڊيا جي جهاز ايئرپورٽ کان اڏام ڪئي ته 322 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان رڳو زمين کان 625 فوٽ مٿي اڏامي سگهيو، ٽيڪنيڪل طور جهاز رن وي ويجهو ئي ڪري تباهه ٿي ويو
Designed & Developed by
Aftab Tunio