جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪيو ته جنگ ٿيندي:بلاول ڀٽو زرداري
جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪيو ته جنگ ٿيندي، دهشتگردي خلاف کنيل قدمن جي آمريڪا ساراهه ڪري ٿو، پاڪستان جو موقف سچ تي ٻڌل آهي، آمريڪا کي خبر آهي ته دهشتگرد گروپن ڪيئن منهن ڏبو آهي؟ مودي ڇا پسند ڪندو ته هن کي گجرات ۽ ڪشمير کانپوءِ سنڌو تهذيب جي ڪاسائي طور ياد رکيو وڃي، پارلياماني وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جو خابرو اداري کي انٽرويو، چوي ٿو،اسان کي سنڌ و پاڻي معاهدي تي ڀارتي قدم کي عالمي بئنڪ اڳيان اٿارڻ گهرجي، آمريڪي نائب صدر سان ملڻ جي خواهش ظاهر نه ڪئي هئي، اسان جنهن سان به ملياسين ،ان اسانجو موقف ٻڌو ۽ ساراهيو
Designed & Developed by
Aftab Tunio