اسرائيل جا ايران جي اوتر ، اولهه جي علائقن اسد آباد ۾ ميزائل حملا
24-اسرائيل جا ايران جي اوتر ، اولهه جي علائقن اسد آباد ۾ ميزائل حملا، اسرائيل جو ايران جي اتر اولھه تبريز ريفائنري ويجھو حملو،ايران جي اولھه واري علائقي ۾ 3 جاين تي ڌماڪا، ميزائل حملا، حملن ۾ وڌيڪ ٻن ايراني جنرلن سميت چار ڄڻا شھيد، ايراني ميڊيا موجب، جنرل غلام رضا محرابي ۽ جنرل مھدي رباني شھيد ٿي ويا، جنرل غلام رضا محرابي جنرل اسٽاف جي ڳجھي ايجنسي جو ڊپٽي سربراھه ھو، جنرل مھدي رباني ايراني فوج جي آپريشنز جو ڊپٽي سربراھه ھو، ايراني فوج جو چوڻ آهي ته اسرائيل تي حملا جاري رھندا، ايندڙ ڏينهن ۾ ھدفن کي وڌايو ويندو،خطي ۾ موجود آمريڪي اڏن کي به نشانو بڻايو ويندو، اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته اسرائيلي ويڙھاڪ جھاز تھران ۾ ھدف تي ٻيھر حملو شروع ڪرڻ لاءِ تيار آھي، ايران خلاف وڌيڪ حملا ڪجهه ڪلاڪن اندر ڪري سگھجن ٿا،ھي حملا ايران طرفان جاري خطرن جي ردعمل ۾ ڪيا پيا .وڃن،اسرائيلي فوج آپريشنل منصوبن موجب پيش قدمي ڪري رھيو آھي