تازه ترين
ايران جو اسرائيل تي جوابي حملو، 4 يهودي مارجي ويا، 63 زخمي

ايران جي اسرائيل تي جوابي حملي ۾ چار يهودي مارجي ويا ۽ 63 ڄڻا زخمي ٿي پيا ايران پاران اسرائيل جي شهرن تل ابيب ۽ يروشلم تي بيليسٽڪ ميزائلن سان حملا ڪيا ويا. پرڏيهي خبرو اداري جي رپورٽ موجب ايران جي جوابي حملي دوران اسرائيل ۾ سائرن وڄايا ويا، حڪومت عوام کي بنڪرن ۾ وڃڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. ايراني ميزائل حملي کان پوءِ تل ابيب ۾ ڌماڪا ۽ دونھين جا ڪڪر ڇانيل هئا. اسرائيلي فوج تصديق ڪئي آهي ته ايران مان بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن، اسان جو هوائي دفاعي نظام ميزائلن کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ايران جي ميزائل حملن کانپوءِ اسرائيل جي بچاءُ واري وزارت ويجهو باهه لڳي وئي. اسرائيلي ميڊيا موجب، ڌماڪن جو آواز تل ابيب،يروشلم ۽گش دان ۾ ٻڌو ويو، تل ابيب جي مختلف هنڌن تان دونھين جا ڪڪر اُڀرندي ڏٺا ويا. اسرائيلي ميڊيا موجب، ايراني ميزائل حملن تل ابيب ۾ پنجن هنڌن تي تباهي مچائي ڇڏي آهي، اسرائيلي عوام کي بنڪرن ۾ وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio