تازه ترين
پاڪستان اسرائيل جي ايران تي غير قانوني حملي جي مذمت ڪري ٿو: عاصم افتخار

پاڪستان اسرائيل جي ايران تي غير قانوني حملي جي مذمت ڪري ٿو: عاصم افتخار گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسرائيل جي ايران تي غير قانوني حملي جي مذمت ڪري ٿو. گڏيل قومن ۾ ايران تي حملي بابت اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو ته ايران کي گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي. هن چيو ته اسرائيلي حملا ايران جي خودمختاري ۽ علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي آهن. عاصم افتخار جو چوڻ هو ته اسرائيلي حملا خطي جي امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهن.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio