نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير سان فون تي رابطو
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير سان فون تي رابطو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان فون تي رابطو ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران اسرائيلي حملن ۾ قيمتي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو. اسحاق ڊار چيو ته ايران تي حملو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته اسان خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ ايراني حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ايران تي اسرائيلي حملن ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڏاڍو ڏک پهتو آهي.
Designed & Developed by
Aftab Tunio