تازه ترين
وفاق پاران فنڊز نه ملڻ سبب بجيٽ ٺاهڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون:مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته وفاق پاران فنڊز نه مليا، جنهن سبب بجيٽ ٺاهڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون ، وفاق صوبن سان واعدو ڪندو آهي پر پورو ناهي ڪندو، وفاق کان 422 ارب رپيا گھٽ مليا آھن. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آءِ ايم ايف جو شرط آھي، صوبي ۾ سـرپلس رکنداسين. هن چيو ته 1 کان 16 گريڊ تائين ملازمن جي پگھارن ۾ 12 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو،17 کان 22 گريڊ تائين جي ملازمن جي پگھارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي، پينشن ۾ 8 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو منافعو اسٽيٽ بئنڪ ڏانهن ويندو آھي، بجيٽ کان صرف هڪ ڏينهن اڳ خط ۾ چيو ويو ته 105 ارب رپيا گھٽ ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته گذريل سال کان ھن وقت تائين 14 سئو 78 ارب رپيا ورڇ واري پول مان مليا آھن، جيڪڏھن وفاقي حڪومت پنهنجي واعدي تي پورو لھي ٿي ته انهن کي باقي پئسا جـون ۾ ئي ڏئي ڇڏينداسين. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ايران تي اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪيون ٿا، اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ ايران سان ايڪي جي اظهار لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، اسيمبلي ۾ ايران تي حملي خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان خلاف ڀارت جارحيت ڪئي ته سڄي قوم متحد هئي، عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هرممڪن قدم کنيا. مراد علي شاهه چيو ته صوبي جي غير ترقياتي خرچن جي مد ۾ 2 ھزار 150 ارب رپيا رکيا آھن، تعليم جي بجيٽ ۾ 18 سيڪڙو اضافو ڪيو آھي. سندس چوڻ هو ته جاري خرچن ۾ سڀ کان وڏو حصو پگھارن ۽ پينشنز جو آھي، ايندڙ سال پگھارن ۽ پينشن جي خرچن ۾ 1 ڏھائي 1 کرب رپيا ھوندو،اسان جي پگھارن جو خرچ ماھوار سئو ارب رپيا آھي. وڏي وزير چيو ته صحت جي بجيٽ ۾ 11 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آھي، مقامي حڪومت جو بجيٽ گذريل سال وڌايو ھو، ھن سال به 5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آھي. سندس چوڻ هو ته گھرو کاتي جي بجيٽ ۾ ساڍا 15 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيو آھي، توانائي جي بجيٽ ۾ ساڍا 16 سيڪڙو اضافو ڪيو آھي، آبپاشي جي بجيٽ ۾ به اضافو ٿيو آھي. وڏي وزير چيو ته زراعت جي بجيٽ ۾ 16 ارب رپين جو اضافو ٿيو آھي، ورڪس اينڊ سروسز جي غير ترقياتي بجيٽ کي گھٽ ڪيو آھي، آبپاشي کاتي ۾ 43 ارب رپيا جا خرچ ٿيندا.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio