مسلمان ملڪ اسرائيل جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهن: خواجا آصف
مسلمان ملڪ اسرائيل جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهن: خواجا آصف وفاقي وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته ڪجهه مسلمان ملڪن جا اسرائيل سان لاڳاپا آهن، جيڪي ختم ڪرڻ گهرجن، مسلمان ملڪ اسرائيل جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته اهڙن قدمن جي ضرورت آهي جنهن سان عالمي اسلامي اتحاد نظر اچي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جا ايران سان اهڙا لاڳاپا آهن جنهن جي تاريخ ۾ گهٽ مثال ملي ٿي. خواجا آصف چيو ته گذريل ڏينهن اسرائيل طرفان ايران تي حملا ڪيا ويا، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. هن چيو ته اسرائيلي فوج فلسطيني ٻارن کي قتل ڪري رهي آهي، غير مسلمانن جا ضمير جاڳي رهيا آهن پر مسلمان خاموش آهن. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته او آءِ سي جو اجلاس سڏائي اسرائيل جي جارحيت خلاف حڪمت عملي ٺاهي وڃي.
Designed & Developed by
Aftab Tunio