ايران ۽ اسرائيل جا هڪٻئي تي حملا جاري
ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ نئين شدت اختيار ڪري وئي، ايران ۽ اسرائيل جا هڪٻئي تي حملا جاري آهن. ايران جي اسرائيل تي تازي ميزائل حملي ۾ 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ايراني ميڊيا موجب، اسرائيل تي ايران جي تازي حملي کان پوءِ گولان، گليلي، حيفا ۽ تبريسي ۾ سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا. ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب، ايراني فوج اتر اولهه سلماز سرحد تي ڪيترائي اسرائيلي ڊرون ڪيرائي ڇڏيا. اسرائيلي ميڊيا موجب، ايراني ميزائل حملي ۾ تل ابيب جي شيفيلا علائقي ۾ وڏي تباهي ٿي آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ايران پاران لانچ ڪيل ڪيترن ئي ڊرون کي ڪيرايو ويو آهي.
Designed & Developed by
Aftab Tunio