تازه ترين
ايران جا اسرائيل تي وڌيڪ ميزائل حملا، 7 يهودي مارجي ويا، 90 زخمي

ايران ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي اسرائي تي پنجون ميزائل حملو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ست يهودي مارجي ويا ۽ 90 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايران اسرائيل تي 200 کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪري چڪو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ملبي جي ڍير تبديل ٿي ويون آهن. ايران جي اسرائيل تي تازي حملي کانپوءِ گولان، گليلي، حيفا ۽ تبريسي ۾ سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا. اسرائيلي ميڊيا موجب، تل ابيب جي شيفيلا علائقي ۾ ايراني ميزائل حملي ۾ وڏي تباهي ٿي آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ايران پاران لانچ ڪيل ڪيترن ئي ڊرونز کي ڪيرايو ويو آهي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio