پاڪستان ۽ ميانمار جا لاڳاپا گڏيل احترام تي ٻڌل آهن: اسحاق ڊار
پاڪستان ۽ ميانمار جا لاڳاپا گڏيل احترام تي ٻڌل آهن: اسحاق ڊار *نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ ميانمار جا لاڳاپا گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، اسلام آباد ۾ ميانمار جي پرڏيهي وزير ٿان سوي جي پرڏيهي آفيس آمد دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار معزز مهمان جي آجيان ڪئي، ان موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته ميانمار جي پرڏيهي وزير کي اسلام آباد آمد تي ڀليڪار چوان ٿو، اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ميانمار جا لاڳاپا گڏيل احترام تي ٻڌل آهن،پاڪستان ۽ ميانمار جي ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ميانمار سان سڀني شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، پاڪستان، ميانمار سان ڀائيواري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پاڪستان، ميانمار ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي چاهي ٿو، ميانمار جي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته شاندار ميزباني تي نائب وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيان ٿو، پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏيون ٿا، سندس چوڻ هو ته مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا موقعا موجود آهن.
